عبدالله بن عمرو بن العاص رضه

عبدالله بن عمرو بن العاص رضه: سندس نالو عبدالله، ڪنيت ابو محمد ۽ ابو عبدالرحمان ۽ سندس والد جو نالو عمرو بن العاص آهي. حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو هي اصحابي پنهنجي والد کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ ڪريمن صه سان گڏ مڪي کان مديني شريف هجرت ڪيائين. پاڻ لکي پڙهي ڄاڻندو هو، تنهنڪري نبي ڪريم صه جن کان جيڪي ڪجهه ٻڌندو هو سو لکي وٺندو هو. ان ڪري تمام گهڻيون حديثون هن اصحابيءَ وٽان روايت ٿيل مليون. زهد ۽ تقوى جي خيال کان اهل عيال کان ڌار هر وقت عبادت ۾ مشغول رهندو هو. پاڻ ڪريم صه جن جي دور جي سمورين جنگين ۾ شريڪ ٿيو. يرموڪ جي جنگ ۾ کلي حصو ورتائين. صفين جي جنگ ۾ پنهنجي پيءُ جي ڪري امير معاويه رضه جي حمايت ڪيائين. حضرت بن عمرو بن العاص رضه'>عبدالله بن عمرو بن العاص رضه تمام وڏو عالم به هو. حضور پاڪ صه جن جي حديثن جو پهريون مجموعو به هن لکيو ۽ جنهن جو نالو ‘صادقه’ رکيائين. هن کان 700 حديثون روايت ٿيل آهن، جن مان سترهن حديثن تي امام بخاري رحه ۽ حضرت امام مسلم رحه ٻئي متفق آهن. هن کي پنهنجي والد کان ورثي ۾ ڏهه لک درهم جي ماليت واري جاگير سميت ڪيتري ئي ملڪيت ملي. هن سن 65هه (685ع) ۾ فسطاط جي هنڌ تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالله بن عمرو بن العاص رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو